تواريخ پاڪستان

تواريخ پاڪستان (ڪتاب ):ڄاڻ سان ڀرپور هيءُ اهم ڪتاب، نامياري عالم ۽ اديب محمد ابراهيم جويي ترتيب ڏنو/ترجمو ڪيو، جيڪو بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاسن لاءِ سفارش ڪيل ڪتاب هو ۽ 1962ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب شيخ غلام علي اينڊ سنز طرفان ڇاپيو ويو. 615 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جون چار هزار ڪاپيون شايع ڪيون ويون. هن ڪتاب ۾ 41 باب شامل آهن، جن ۾ پاڪستان جي تاريخ سان گڏ برصغير جي جاگرافي، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، پٿر واري زماني، ٻڌ ۽ جين ڌرم، مسلم فتوحات ۽ ڪاهن جي احوال سان گڏ مختلف تاريخي دورن جو تفصيلي ذڪر پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ان کان سواءِ پاڪستان ٺهڻ تائين ۽ ان کان پوءِ تحريڪن ۽ ترقيءَ جي احوال سان گڏ عظيم رهنمائن جي زندگيءَ جو احوال پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو